ڌاني 2

ڌاني (راڳڻي): ڪافي ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي، جنهن ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آهن. هن جا کرج، مڌم ۽ پنچم دربل، رکب ۽ ڌيوت سُر ورج آهن، جنهنڪري راڳڻيءَ جو مزاج قائم رهي نٿو سگهي. سنگيت جي ڪتابن ۾ هن جو نالو اوڙو ڌناسي ۽ کاڙو ڌناسي لکيل آهي. ڌناسري کان جدا ڪرڻ لاءِ کيس ڌاني جو نالو ڏنو ويو آهي.
هن راڳڻيءَ جي خاص تان: نا سا- گا گا- سا- نا- سا- گا گا- ما پا- گا- سا ما پا- نا- سا- گا گا- ما پا- ما گا سا آهي. آروهي: سا گا ما پا نا سا ۽ امروهي: سا نا پا ما گا سا، وادي سُر: گنڌار (ڪومل)، سم وادي سُر: نکاد (ڪومل) آهي. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو وقت ٽپهريءَ جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو